Saturday, 7 February 2015

هن کي چئجو.....


هن کي چئجو

مون سان نه ملي
مان رولاڪ سوچن جي
ڄارن ۾ اٽڪيل
مان اڻکٽ سوالن جي
جوابن ۾ ڀٽڪيل
هو مرڪي رهي ڀل
بخمل تي ٽيڪيل
هو سهڻي ۽ سادي
مان ارڏو ۽ باغي
مان صدائن جو وارث
سوالن ۾ گھريل
سوال جيڪي سوچڻ سزائون
جواب جن جا ٽياس ٽنگيل
سوال باغي جواب مجرم
آهن ازل کان
سولي تي لٽڪيل
سوال اهڙا
پڇڻ نه جهڙا
جواب جن جا
گھاڻن ۾ پيڙهيل
هن جون معصوم مرڪون
نازڪ نهارون
مان وه جو پيالو
نه درمل نه دارون
انجام منهنجو
بي گور چچريل
هو ڪلي شال
ويتر کلي ۽ کلي
هن کي چئجو
مون سان نه ملي
هو دل سان ٿي سوچي
مان منطق جو سائل
سوال جن جي
لهرن ۾ ڦاٿل
جواب ٻيڙا
سنڀرن نه ساحل..

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔