Tuesday, 28 June 2016

مقتل ۾ مڪمل اونداهي آهي


مقتل ۾ مڪمل اونداهي آهي اکين جي مٿان پٽي ٻڌل 
هٿن ۾ هٿڪڙيون پيرن زنجيرون ويڙهيل 
جسم تي ڪيترائي گھاء سمهڻ چاهي سمهي نه سگھي 
ويهڻ چاهي ويهي نه سگھي جسم مان وهندڙ ٽپڪو ٽپڪو رت جو 
جون گرميون چوڌاري بند ٻڌل هوا جو جهونڪو به نه ٿو اچي اندر 
سپاهي ٿڏو هڻندي چيائين ڪٿي آهن تنهنجا اهي ديش ڀڳت ساٿي 
ڪري پيو وري ويهي ٿو چوي ٿو هو اوهان جون کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف هوندا
وري لانگ بوٽ جي لت ٿو هڻي وري سوال ٿو ڪري آخر ڪهڙي مٽي جو ٺهيل انسان آهين 
جواب ٿو ڏيئي سنڌ جي مٽي مهراڻ جي پاڻي سان ڳوٿل چيڪي مٽي جو 
جنرل ٿو اچي گار ڏيندي چوي ٿو سوئر کي ٽنگيو مٿي 
مٿي ٽنگين ٿا هاڻي رت تيزي سان ٿو وهي وهندڙ رت جو دٻو ٿو ٺهي 
جنرل ٿو چوي اگر تو اسان کي راز ٻڌايا ته زندگي ملي ويندي توکي 
جواب ٿو ڏيئي مونکي غلامي ۽ خيرات جي زندگي قبول ناهي ڪانئر 
جنرل گار ٿو ڏيئي حڪم ٿو ڪري سپاهين کي هن کي لاهيو هيٺ هن جي مرڻ جو وقت اچي ويو آهي 
ديش ڀڳت زخمن سان چور مٿان کان هيٺ ڪري ٿو درد جي شدت سان چور چور آهي 
پوء به وات وائي اٿس انقلاب زندھ باد انقلاب زندھ باد
جنرل ٿو چوي تنهنجو وقت پورو ٿي ويو آهي سپاهين کي حڪم ٿيو کڻو هن سوئر جي......................
زخمن سان چور پوء به وڏي واڪي چوي ٿو آڻينداسون انقلاب آڻينداسون انقلاب 
هڪ جڳھ تي وٺي آيا پستول لوندڙي تي رکيو آهي اکين تي پٽيون ٻڌل 
آخري جملو ..........مان ايتري ئي تنهنجي خدمت ڪري سگھيس منهنجي ڌرتي ماء
گولي جو فائر ٿيو پرديسي پکي جيان هن جي جسم مان روح پراوز ڪري ويو
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

آزادي،،،،،




ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ در کڙڪيو 
اندران آواز آيو ڪير ؟
جواب مليو آزادي 
ڇو آئين آهين ؟
وطن غلام آهي ان جي ڪري در در پي ڀٽڪان ته هلي غلامي مان جند آجي ڪرائين
هنڃر توکي ڇا کپي ؟
مونکي هڪ فرد کپي نياڻي هجي يا پٽ 
امڙ پنهنجي ٻچن ڏي واپس ٿي اچي جتي 3 نياڻيون ۽ 2 پٽ ويٺل آهن چوي ٿي در تي آزادي آئي آهي چوي ٿي وطن غلام آهي ان غلامي مان جان آجي ڪرائڻ جي لاء هڪ فرد کپي ڪير ويندو وطن جي غلامي مان جند آجي ڪرائڻ سڀ ڪو سيني تي هٿ ٿو هڻي مان ويندس مان ويندس پنهنجي ڌرتي کي آزاد ڪرائڻ مان ويندس
ماء واپس اچي ٿي جواب ٿي ڏي ته منهنجو سڀ اولاد توسان گڏ هلڻ جي جا لاء تيار آهي ڪير کپي توکي هاڻي ؟
آزادي چوي ٿي ته هڪ پٽ ڏي ۽ ڌي جي نالي چويس ٿي ته ان کي به تيار ڪر ضرورت پئي ته وٺي ويندس ان کي به 
مان پٽ کي در تي وٺي ٿي اچي در تائين آزادي کي ڏيئي ٿي وري بيهاري ٿي ته پٽ بيھ مهندي هڻان تنهنجي هٿن تي متان اها آس اندر ۾ رهجي ونڃيم پٽ کي مهندي ٿي هڻي پيار ٿي ڪريس چويس ٿي جنهن ڏينهن ميدان مان موٽي آئين ان ڏينهن تون منهنجو پٽ ناهين اگر تون شهيد به ٿي آئين ته مان پنهنجي ڌيء کي به شهادت لاء موڪليندس پر ميدان تان ائين نه موٽجان پٽ سان ماء موڪلائي ٿي آزادي هن کي وٺي ٿي ونڃي ........................
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>