Saturday, 7 February 2015

ڌرتي پنهنجا درد کڻي

دروازو کڙڪيو،
ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ
سارنگ :ڪير آهي؟
جواب آيو؛سنڌ
دروازو کُليو،
۽ سنڌ پنهنجا سمورا درد
ڏک سور صدما تڪليفون
اچي سارنگ کي ٻڌائڻ لڳي،
آخر ۾ سنڌ چيو؛
افسوس آهي مونکي ،
اوهان جي زندگي تي ،
اوهان اڃان سُتا پيا آهيو.
۽ سنڌ واپس پنهنجا سڀ سور پنهنجي من اندر سانڍي 
هلي وئي.
سارنگ دروازو بند ڪري
وري وڃي سمهڻ لاء پلنگ تي ليٽيو.

فقير عابد ديشي


پياري دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري  جو جواب  جيڪو فيس بوڪ تي ڏنو هئائين




سنڌ هلي وئي ته سارنگ سوچيو
مون کان سنڌ سُمهڻ جي وجه ته پُڇي ڪانه.
هي ٻاهر رات جي راند، محروميون حق تلفيون، خودڪشيون ۽ سارنگ سُتل
بلڪل عجيب . . . .عجيب ڇا بلڪه قومي جُرم ڄوڳي ننڊ آخر ڇو؟
سنڌ مون کي پورو وقت نه ڏِنو. . . .نه ته ٻُڌايانس ها ته مون کي ايڏي ننڊ ڇو آهي؟
ڇو تنهنجي گهڙي کن هلي اچڻ تي به منهنجي ننڊ نه ٽُٽي
ڇو ته؛
آئون جنهن قوم جو فرد آهيان تنهن ۾ ٽِن قسمن جا ماڻهو آهن
هڪڙا اُهي جيڪي پڙهيا لکيا سمجهه ٻُجهه وارا پر مقصد
رُڳو اهو ته ٻه ويلا ماني جو بلو ٿي وڃي ۽ رهڻ لاءِ ڇت ملي پئي
اهي حُڪمرانن جي اڄن وڃڻ کان لا تعلق
ٻيا اُهي جيڪ حُڪمرانن جي اچڻ ۽ وڃڻ جا ذميدار پر لا شعور
بس ابن ڏاڏن کان وؤٽ جو حق روايتي طور ڏبو
ٽيان ڪي ٿورا مون (سارنگ) جهڙا
جيڪي جيڪو چاهين ٿا اهو ڪو به نه ٿو چاهي
پوءِ بس ساهه جو سڳو ٽُٽڻ تائين ننڊ ۽ بس ننڊ!

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هاري جهڙو پيار آ منهنجو


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تنهنجي چاهت جو سج


تنهنجي چاهت جو جڏهن سج لهندو ته ان وقت منهنجي رُوح جو پکي آڪاش طرف پرواز ڪندو ۽ تُون تارا تڪيندي رهجي ويندئين .....پر پوءِ ڪهڙو فائدو ؟
 — 
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

خواهش


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هن زماني جي دنيا داري


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

مقتل ۾ مڪمل اونداهي آهي



مقتل ۾ مڪمل اونداهي آهي اکين جي مٿان پٽي ٻڌل
هٿن ۾ هٿڪڙيون پيرن زنجيرون ويڙهيل
جسم تي ڪيترائي گھاء سمهڻ چاهي سمهي نه سگھي
ويهڻ چاهي ويهي نه سگھي جسم مان وهندڙ ٽپڪو ٽپڪو رت جو
جون گرميون چوڌاري بند ٻڌل هوا جو جهونڪو به نه ٿو اچي اندر
سپاهي ٿڏو هڻندي چيائين ڪٿي آهن تنهنجا اهي ديش ڀڳت ساٿي
ڪري پيو وري ويهي ٿو چوي ٿو هو اوهان جون کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف هوندا
وري لانگ بوٽ جي لت ٿو هڻي وري سوال ٿو ڪري آخر ڪهڙي مٽي جو ٺهيل انسان آهين
جواب ٿو ڏيئي سنڌ جي مٽي مهراڻ جي پاڻي سان ڳوٿل چيڪي مٽي جو
جنرل ٿو اچي گار ڏيندي چوي ٿو سوئر کي ٽنگيو مٿي
مٿي ٽنگين ٿا هاڻي رت تيزي سان ٿو وهي وهندڙ رت جو دٻو ٿو ٺهي
جنرل ٿو چوي اگر تو اسان کي راز ٻڌايا ته زندگي ملي ويندي توکي
جواب ٿو ڏيئي مونکي غلامي ۽ خيرات جي زندگي قبول ناهي ڪانئر
جنرل گار ٿو ڏيئي حڪم ٿو ڪري سپاهين کي هن کي لاهيو هيٺ هن جي مرڻ جو وقت اچي ويو آهي
ديش ڀڳت زخمن سان چور مٿان کان هيٺ ڪري ٿو درد جي شدت سان چور چور آهي
پوء به وات وائي اٿس انقلاب زندھ باد انقلاب زندھ باد
جنرل ٿو چوي تنهنجو وقت پورو ٿي ويو آهي سپاهين کي حڪم ٿيو کڻو هن سوئر جي......................
زخمن سان چور پوء به وڏي واڪي چوي ٿو آڻينداسون انقلاب آڻينداسون انقلاب
هڪ جڳھ تي وٺي آيا پستول لوندڙي تي رکيو آهي اکين تي پٽيون ٻڌل
آخري جملو ..........مان ايتري ئي تنهنجي خدمت ڪري سگھيس منهنجي ڌرتي ماء
گولي جو فائر ٿيو پرديسي پکي جيان هن جي جسم مان روح پراوز ڪري ويو

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

هن کي چئجو.....


هن کي چئجو

مون سان نه ملي
مان رولاڪ سوچن جي
ڄارن ۾ اٽڪيل
مان اڻکٽ سوالن جي
جوابن ۾ ڀٽڪيل
هو مرڪي رهي ڀل
بخمل تي ٽيڪيل
هو سهڻي ۽ سادي
مان ارڏو ۽ باغي
مان صدائن جو وارث
سوالن ۾ گھريل
سوال جيڪي سوچڻ سزائون
جواب جن جا ٽياس ٽنگيل
سوال باغي جواب مجرم
آهن ازل کان
سولي تي لٽڪيل
سوال اهڙا
پڇڻ نه جهڙا
جواب جن جا
گھاڻن ۾ پيڙهيل
هن جون معصوم مرڪون
نازڪ نهارون
مان وه جو پيالو
نه درمل نه دارون
انجام منهنجو
بي گور چچريل
هو ڪلي شال
ويتر کلي ۽ کلي
هن کي چئجو
مون سان نه ملي
هو دل سان ٿي سوچي
مان منطق جو سائل
سوال جن جي
لهرن ۾ ڦاٿل
جواب ٻيڙا
سنڀرن نه ساحل..
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>