Saturday, 18 March 2017

اڄ به منهنجي عاشقي


اڄ به ڪائي کنوڻ ٿي مون ۾ کجي

اڄ به ڄڻ هالار ٿو مون ۾ کڄي

اڄ به منهنجي درد ۾ سو دم آهي

ڄڻ ته تنهنجي چيلهه جو خم آهي

اڄ به مون ۾ ڪا جيئڻ جي جاڳ آ

اڄ به منهنجي عاشقي ڄڻ آڳ آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تون ته سمجهين ٿي


تون ته سمجهين ٿي ته

منهنجي موهه جون مرليون سڀيئي

بي سُريون بيڪار ٿيون

۽ درد جو جو هر نانگ ڪارو

ڀٽ ۾ ڀٽڪي مُئو

۽ سندس ئي احساس جيڪو

ڄڻ ته گيڙو ويس آ

مون وڃائي آ ڇڏيو

تون ته سمجهين ٿي ته

منهنجي سمنڊ سان ياري پراڻي وئي ٽٽي

۽ ساحلن تي بي وفائي پيو بڪان

۽ هاڻ ڪائي يادگيري

ڪا ڪياماڙي نٿي مون کي ڇُهي


تون ته سمجهين ٿي ته

مون ڪيٽي بندر

تنهنجي سنيهي جيئن سجاول کي وساري آ ڇڏيو

۽ سڀئي تاڙيون کجيون

جهمپير جون مون ۾ ويون آهن مري


تون الائي ڇا به سمجهين

پر ائين ناهي مٺي

ها، ائين آهي برابر

خودڪشيءَ جي خيال وانگي

سنڌ کي مون سو دفعا آ سوچيو

هر دفعي مون مات کاڌي تو هٿان

هر دفعي هن عاشقيءَ مون کي بچائي آ وڌو

هن ديس جو هڪ هڪ چپو

منهنجي چپن ۾ آ چمي

منهنجي هٿن ۾ جام جيئن

منهنجي اندر جي آسمانن ۾ اُڏامن جي شڪل

هن ديس جي هر هڪ گھٽي

منهنجي رڳن ۾ ٿي لهي

هن ديس جي هر ڪا دري

منهنجي اندر ۾ ٿي کلي

ڇا ڇا نه مون آهي ڏٺو هن ديس ۾
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday, 17 January 2017

انتظار


انتظار ۾،،،
آئون اڄ به تنهنجي انتظار ۾ آهيان،
جيڪي تنهنجون اڌوريون ڳالهيون رهجي ويون هيون
سي ٻڌڻ لاء بيتاب آهيان،
آئون توکي اڄ به اوترو ئي ٿو چاهيان.
آئون توکان ڏور ڪٿي آهيان ؟
ڏور ته اهي هوندا آهن،
جيڪي دل ۾ نه هجن.
ڪاش !!!
تون مونسان هڪ دفعو ملين ها،
پنهنجون اڌوريون اڻپوريون ،
ڳالهيون مونسان ڪرين ها .
۽
آئون توکي پنهنجي سيني سان لائي،
پنهنجي نيڻن مان ،
ڪجهه اڇا موتي هاري سگهان ها.
آئون اڄ به انتظار ۾ آهيان.
آئون اڄ به انتظار ۾ آهيان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رحم

هر وقت ذهن ۾ اها ئي سوچ رهي ته آخر ڇا وجهه هئي جو تو مون کي ائين ڇڏي ڏنو، هر چڪر تلاش ناڪام وئي آهي، ساڳيون ڳالهيون سوچيندي سوچيندي بيزار ٿي پيو آهيان، تنگ ٿي پيو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن دوستن کي ٽهڪ ڏيندي ڏسندو آهيان ته پاڻ تي رحم ايندو آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جيئي سنڌ


پٽ جيئي سنڌ وارن جي پويان نه وڃ
بابا سائين پر ڇو؟
پٽ اهي لوفر آهن
بابا سائين چون ٿا مظفر ڀٽو انجنئير هو
افضل پنهور سنڌ يونيورسٽي جو بهترين شاگرد هو
سرائي قربان کهاوڙ پنهنجي تر جو نيڪ مرد هو
روپلو چولياڻي هڪ سٺي خاندان سان تعلق رکي ٿو
علي بلند سولنگي هڪ پروفيسر هو
سجاد مرکنڊ به هڪ شاگرد هو
نور الله به سياسي ورڪر هو
سميع الله ڪلارڪ هو
ان کان وڌيڪ ڪيترائي آهن
جيڪي پنهنجا گھر ٻار لٽائي ويٺا آهن شهادتون ماڻي ويٺا آهن ڇا اهي سڀ لوفر آهن ؟
اف پٽ سمجھي ڇو نٿو ؟
بابا سائين سمجھايو
پٽ ايجنسيون کڻي ويندئي قيد ڪندئي شهيد ڪندي
بابا سائين اوهان پوء حقيقتن جي مٿان پردو ڏيئي انهن شهيدن جي مٿان لوفر هوئڻ جي تهمت ڇو پيا هڻو
پٽ توسان محبت اٿم توکي ڪجھ ٿيو ته مان برداشت نه ڪندس
بابا سائين اگر سنڌ کي ڪجھ ٿيو ته ؟
پٽ بس ڪئي مون جيئن وڻين تئين ڪر._
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday, 16 January 2017

محبت جي جنگ



هي عاليشان خوبصورت محل جنهن جي تمنا رکندڙ هرماڻهو...
پر،تنهائي جو شدت سان احساس.....!
ها....
جت صرف ۽ صرف،مان، ۽ مان جون دعويٰ ڪندڙ دوست هجن،جت،صرف خود غرضي،نفرت،۽ وڏائي جهڙا انيڪ مسائل،
ات ڀلا،”مارئي“محبت پنهنجو ديرو ڄمائي ڪيئن سگهندي.....?!
ازل کان،هن دنيائي محل ۾ مفاد پرستن،صرف پنهنجو مفاد ڳوليو آ،
ڪروڙين جانيون بنا سمجهڻ ۽،سمجهڻ جي باوجود تباهه ٿي ويون،۽مون جهڙا ماڻهو محبت کي ڦهلائيندي ڦهلائيندي،نفرت جي کنڊرن ۾ گم ٿي ويا.۽نتيجي ۾ تنهائي جو احساس،
شدت سان بلڊ ڪينسر بڻجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو آهي،روح جي پاتال ۾،مايوسي جو زهر اوتجي ويو آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زندگي جي بازي



مون وٽ پيار جي ريت آهي پر جيت ناهي مون زندگيءَ جون سڀ بازيون هارائي پوءِ پيار ڪيو آ هاڻي مون وٽ هار ۽ جيت جوڪوبه تصور ناهي صرف پيار آ پائڻ ۽ وڃائڻ جي سوچ کان آزاد.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

خوابن جا هوڪا



رات جا ٻه )2:00( ٿيا ها
ريل جي بوگيءَ ۾،
هو دريءَ جي ڀرسان،
سيٽ تي ويٺو هو!
ريل جي تيز رفتار،
ڦيٿن جي آوازن،
هوا جي شوخ جهلڪن،
هن کي خيالن ۾گم ڪري ڇڏيو هو!“
چانهه پيئو سائين!
چانهه پيئو!
گرم گرم چانهه،
ننڊ ڦٽائي،چست بڻائي”
چانهه واري جي هوڪن،
هن کي اوچتو،
خيالن جي دنيا کان ڌار ڪري ڇڏيو!“
صاحب، چانهه اچي؟
ننڊ ڦٽائي ڇڏيندوَ!”
هن چانهه واري جي ،
منهن ڏانهن ڏٺو،
ٿورو مسڪرائي چيائينس:“
يار چانهه به ڪا اهڙي شيءِ آ،
جيڪا ڪنهن جي ننڊ ڦٽائي!
جيڪڏهن واقعي ۾ تو کي،
اسانکي جاڳائي رکڻو آ،
ته چانهه جي بدران،
اهڙن “خوابن جا ھوڪا” ڏي،
جيڪي اسانجي صدين جي ننڊ ڦٽائي،
اسانجي اکين ۾،
سجاڳي ءَ جا ديپ جلائن!
تنهنجي چانهه سان ته صرف،
ريل جو ٿورو سفر سٺو گزرندو،
پر سندر سپنن سان،
سمورو جيون،
سندر گذرندو!”
ڪاش!
چانهه جي بدران،
خواب عام ٿي وڃن!
ته هن ديس مان،
رات جي تاريڪي،
پنهنجا تڏا ويڙهي،
لڏي وڃي!
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ڪارو سون (ڪوئلو)


يار
مهراڻ هي ڪوئلو نه ،
بلڪ ڪارو سون آهي.
ها يار آزد ،
چئين سچ ٿو .
اڙي يار آزاد هي اسانجي ملڪيت آ
جنهن تي ڌاريا قابض آهن.
ها ادا مهراڻ ان جو ڪارڻ به ته پاڻ ئي آهيون.
سو وري ڪئين؟
اهو ائين ته اسان پاڻ ئي هنن وڏيرن
کي اڳتي آڻي پنهنجي پير تي ڪُهاڙي هئين آ.
اهي وڏيرا ئي ته اصل دشمن آهن،
جن ڪجهه رپين جي خاطر
ڪجهه مفادن جي ڪري
ڌارين جي هٿ ۾ پنهنجو سڄو ڪارو سون ڏئي ڇڏيو آهي ،
۽
اسان جيڪي حقيقي مالڪ آهيون ،
اهي سڄو ڏينهن
ان ڪاري سون جي کاڻن ۾
اندر لوڙيون ٿا پيا.
آزاد اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿو ٿئي ته،
پاڻ وٽ تعليم نه رهي آ .
ڪالهه هڪڙو دوست مليو
تنهن کان پُڇا ڪيم،
ته ڏي خبر پيپر ڪئين ٿيو؟
وراڻيائين ته يار پيپر صفا وي آئي پي ٿيو،
پاڻ وارا ماستر هئا فُل ڪاپي ڪرايائون
جيڪي سوال نه هئا سي به آڻي ڏنائون.
آزاد هاڻ جيڪر اهي حال هوندا ته پاڻ ڇا ڪري سگهنداسين.
يار مهراڻ ڪجهه ته ڪرڻو پوندو آواز اٿارڻو پوندو.
نه يار آزاد نه
آواز ڪئين اٿاريون ؟
ڪجهه سُڄاڳ ماڻهو هئا جن آواز اٿاريا تن جا چچريل لاش مليا ،
۽
انهن جي رت جو پلاند به نه ٿي سگهيو .
حافظ نظاماڻي سهي چيو آ ته؛

جيڪي ڀٽائي سچل کي نه سمجهي سگهيا
انهن مان به اميد ڪهڙي رکون.

مهراڻ چوين ته تون به سهي ٿو
پر
مرشد لطيف چوي ٿو؛

تتي ٿڌي ڪاه ڪانهي ويل ويهڻ جي،
اڃان هئين به چيو اٿس

سلطاني سهاڳ ننڊون ڪندي نه ملي.

اڙي يار سج لهڻ وارو آ هل ته گهر هلئون
ڪٿي رستي ۾ ڦرجي نه وڃون.
ها يار هل ته هلئون.
يار مهراڻ هاڻ جاڳڻو پوندو
پاڻ کي به
۽
سڄي قوم کي به جاڳائڻو پوندو.
صبح جو گهر اچجان ته
سڀني ڳوٺ وارن کي
ڪاري سون جو ٻڌائينداسين
انهن ڌارين کي لتون هڻي ڪڍنداسين
انشاء الله.
مهراڻ چڱو هاڻ تنهنجو گهر اچي ويو
الله واهي.


مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تصور ڪري ڏسو


ٿورو تصور ڪري ڏسو ته:
اوهان وڏي عمر جا ٿي ويا آهيو۔۔۔۔
اوهان زندگي ۾ بهترين بهترين ڪم سر انجام ڏنا آهن۔۔۔۔
تصور ڪري ڏسو ته اوهان فوت ٿيو ويا آهيو۔۔۔۔
۽ اوهان جي پٽ يا پوٽي ڪنهن اخبار يا ميگزين ۾ اوهان جي سوانح عمري يا بايوگرافي يا اوهان جي سيرت لکي آهي۔۔۔۔
اوهان ڇا ٿا چاهيو ته هو اوهان جي باري ۾ ڇا ڇا لکي؟
اوهان جي ڪهڙن ڪارنامن تي روشني وجهي؟
ڪڏهن تنهائي، اڪيلائپ۾ سڪون سان شور کان پري پين پنو کڻي لکڻ ويهو۔۔۔۔
۽ اهو رف ٺاهيو جيڪو اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جي وفات کان پو اوهان تي لکيو وڃي۔۔۔
ٿي سگهي ٿو ته هي رف جو لکڻ اوهان جي زندگي سري سان تبديل ڪري ڇڏي،،،
۽ اوهان بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ لڳو۔۔۔۔
تصور ڪريو ته ڪنهن اوهان جي ان رف جي لنڪ فيس بوڪ تي به شيئر ڪئي آهي۔۔۔
ڇا ٿا سوچيو ته فيس بوڪ جا سڄڻ اوهان جي فوتگي کان پو ان فيسبوڪ جي لنڪ تي پنهنجا ڪهڙا ڪمينٽس ڏين؟؟؟
دوستو!

  • ٿي سگهي ٿو ته هي قدم کڻڻ سان اسان پنهنجي زندگي سان انصاف ڪري سگهون، ۽ اهڙا ڀلا ڪم ڪرڻ لڳون جنهن سان تاريخ واقعي اسان کي سٺن لفظن سان ياد ڪري۔۔۔۔

مڪمل تحرير ۽ تبصره>>