ٿورو تصور ڪري ڏسو ته:
اوهان وڏي عمر جا ٿي ويا آهيو۔۔۔۔
اوهان زندگي ۾ بهترين بهترين ڪم سر انجام ڏنا آهن۔۔۔۔
تصور ڪري ڏسو ته اوهان فوت ٿيو ويا آهيو۔۔۔۔
۽ اوهان جي پٽ يا پوٽي ڪنهن اخبار يا ميگزين ۾ اوهان جي سوانح عمري يا بايوگرافي يا اوهان جي سيرت لکي آهي۔۔۔۔
اوهان ڇا ٿا چاهيو ته هو اوهان جي باري ۾ ڇا ڇا لکي؟
اوهان جي ڪهڙن ڪارنامن تي روشني وجهي؟
ڪڏهن تنهائي، اڪيلائپ۾ سڪون سان شور کان پري پين پنو کڻي لکڻ ويهو۔۔۔۔
۽ اهو رف ٺاهيو جيڪو اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جي وفات کان پو اوهان تي لکيو وڃي۔۔۔
ٿي سگهي ٿو ته هي رف جو لکڻ اوهان جي زندگي سري سان تبديل ڪري ڇڏي،،،
۽ اوهان بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ لڳو۔۔۔۔
تصور ڪريو ته ڪنهن اوهان جي ان رف جي لنڪ فيس بوڪ تي به شيئر ڪئي آهي۔۔۔
ڇا ٿا سوچيو ته فيس بوڪ جا سڄڻ اوهان جي فوتگي کان پو ان فيسبوڪ جي لنڪ تي پنهنجا ڪهڙا ڪمينٽس ڏين؟؟؟
دوستو!
- ٿي سگهي ٿو ته هي قدم کڻڻ سان اسان پنهنجي زندگي سان انصاف ڪري سگهون، ۽ اهڙا ڀلا ڪم ڪرڻ لڳون جنهن سان تاريخ واقعي اسان کي سٺن لفظن سان ياد ڪري۔۔۔۔
0 comments :
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔