Saturday, 17 January 2015

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا



مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا
آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي

سچل سر مست
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سِيَارَي سِھَ رَاتِ ۾، جَا گِهڙَي وَسَندَي مِينهُن

سِيَارَي سِھَ رَاتِ ۾، جَا گِهڙَي وَسَندَي مِينهُن
هَلَو تہ پُڇَئُون سُهُڻِي، جَا ڪَرَ ڄَاڻَي نِينهُن
جَنهِن کَي رَاتَو ڏِينهُن، مَيهَارُ ئِي مَنَ ۾


سُرُ سُهِڻِي
شاهه لطيف
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

سگريٽ محبوب! ۽ مان

سگريٽ سر ڪرڻ سان اندر جا اڌما ضبط جون سرحدون ڪراس ڪري موتين جي مالها بڻجي رخسار تي ترڻ لڳا۔ پوتي جي پلاند سان لڙڪ اگهندي هڪ زوردار ڪش هنئي سندس نونراني نيڻ جن منجهه جيون جي جوت جا ڏيئا ٻرندل هئا اهي سڀ اڄ اجهامي چڪا هئا۔
اهي نفيس چپ جن مان امرت جا جام ڇلڪندا هئا اهي چپ ڪنهن بنجر زمين جو ڏيک ڏئي رهيا هئا۔ سندس محبت سان ٽمٽار دل اڄ ڪنهن فقير جي خالي ڪستي جيان پئي لڳي همدردي جا جذبا منهنجي من کي مروڙي رهيا هئا۔
سوچن جو تسلسل ٽوڙيندڙ سندس لفظ هئا مون محبت جي ديوتا کي سجدو ڪيو آهي تنهن لاءِ منهنجو خدا مونکان رسي ويو آهي ۽ دنيا ڪفر جو توب منهنجي ڳچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي منهنجي سزا هت ۽ هُت آوي ۾ ٻرڻ جي مقرر ڪئي وئي آهي ۔
مون چيو اي منهنجا محبوب! تون دل نه لاه منهنجي دعائن جي رحمت توکي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندي هن چيو تو آڏو هيڏو جهان پيو آ تون مونکي وساري ڇڏ۔ مون کيس ڳراٺي پائي سيني لاتو ۽ چيم مان توکي تڏهن وساريندس جڏهن سج اڀرڻ کي وساريندو تنهنجو ملڻ ، سهڻو ويهانء تنهنجو فراق نه وسرندڙ ڪنوار جيان منهنجي تي روز آرا ٿي ڪري ۔

سگريٽ ختم ڪندي ئي پاڻ به دونهون ٿي وئي مان ۽ وجود ٽهڪ ڏئي روئڻ لڳاسين
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

ويساهه کي سانڍي جيئڻ

مان! پنهنجي زندگي سان لاڳاپيل سمورا لمحا جيڪي مون پنهنجي ڊائري ۾ لکيا آهن اهي پنهنجي محبت تائين پهچائڻ ٿو گهران.

جئين ته زندگي جي ڊوڙ ۾ ۽ دنيا جي بدلجندڙ حالتن ۾ پيدا ٿيندڙ مجبورين سببان هوءَ مونکا ڏور ٿي وئي آهي پران جي وڇوڙي ظاهري وجود کان ڌار ڪري ته ڇڏيو آهي پر روح جي گهرائي ۾ اڄ به هوءَ منهنجي ويجهو آهي، جا ويجهڙائي ويتر ان جي محبت کي منهنجي من ۾ سانڍي رکيو ٿي اچي ۽ مونکي ويساهه آهي ته هوءَ به ان ئي ويساهه کي سانڍي جيئندي هوندي، جهڙي ريت مان جيء رهيو آهيان.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>