مقتل ۾ مڪمل اونداهي آهي
مقتل ۾ مڪمل اونداهي آهي اکين جي مٿان پٽي ٻڌل
هٿن ۾ هٿڪڙيون پيرن زنجيرون ويڙهيل
جسم تي ڪيترائي گھاء سمهڻ چاهي سمهي نه سگھي
ويهڻ چاهي ويهي نه سگھي جسم مان وهندڙ ٽپڪو ٽپڪو رت جو
جون گرميون چوڌاري بند ٻڌل هوا جو جهونڪو به نه ٿو اچي اندر
سپاهي ٿڏو هڻندي چيائين ڪٿي آهن تنهنجا اهي ديش ڀڳت ساٿي
ڪري پيو وري ويهي ٿو چوي ٿو هو اوهان جون کي ختم ڪرڻ ۾ مصروف هوندا
وري لانگ بوٽ جي لت ٿو هڻي وري سوال ٿو ڪري آخر ڪهڙي مٽي جو ٺهيل انسان آهين
جواب ٿو ڏيئي سنڌ جي مٽي مهراڻ جي پاڻي سان ڳوٿل چيڪي مٽي جو
جنرل ٿو اچي گار ڏيندي چوي ٿو سوئر کي ٽنگيو مٿي
مٿي ٽنگين ٿا هاڻي رت تيزي سان ٿو وهي وهندڙ رت جو دٻو ٿو ٺهي
جنرل ٿو چوي اگر تو اسان کي راز ٻڌايا ته زندگي ملي ويندي توکي
جواب ٿو ڏيئي مونکي غلامي ۽ خيرات جي زندگي قبول ناهي ڪانئر
جنرل گار ٿو ڏيئي حڪم ٿو ڪري سپاهين کي هن کي لاهيو هيٺ هن جي مرڻ جو وقت اچي ويو آهي
ديش ڀڳت زخمن سان چور مٿان کان هيٺ ڪري ٿو درد جي شدت سان چور چور آهي
پوء به وات وائي اٿس انقلاب زندھ باد انقلاب زندھ باد
جنرل ٿو چوي تنهنجو وقت پورو ٿي ويو آهي سپاهين کي حڪم ٿيو کڻو هن سوئر جي......................
زخمن سان چور پوء به وڏي واڪي چوي ٿو آڻينداسون انقلاب آڻينداسون انقلاب
هڪ جڳھ تي وٺي آيا پستول لوندڙي تي رکيو آهي اکين تي پٽيون ٻڌل
آخري جملو ..........مان ايتري ئي تنهنجي خدمت ڪري سگھيس منهنجي ڌرتي ماء
گولي جو فائر ٿيو پرديسي پکي جيان هن جي جسم مان روح پراوز ڪري ويو
0 comments :
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔