Saturday, 17 January 2015

سگريٽ محبوب! ۽ مان

سگريٽ سر ڪرڻ سان اندر جا اڌما ضبط جون سرحدون ڪراس ڪري موتين جي مالها بڻجي رخسار تي ترڻ لڳا۔ پوتي جي پلاند سان لڙڪ اگهندي هڪ زوردار ڪش هنئي سندس نونراني نيڻ جن منجهه جيون جي جوت جا ڏيئا ٻرندل هئا اهي سڀ اڄ اجهامي چڪا هئا۔
اهي نفيس چپ جن مان امرت جا جام ڇلڪندا هئا اهي چپ ڪنهن بنجر زمين جو ڏيک ڏئي رهيا هئا۔ سندس محبت سان ٽمٽار دل اڄ ڪنهن فقير جي خالي ڪستي جيان پئي لڳي همدردي جا جذبا منهنجي من کي مروڙي رهيا هئا۔
سوچن جو تسلسل ٽوڙيندڙ سندس لفظ هئا مون محبت جي ديوتا کي سجدو ڪيو آهي تنهن لاءِ منهنجو خدا مونکان رسي ويو آهي ۽ دنيا ڪفر جو توب منهنجي ڳچي ۾ وجهي ڇڏيو آهي منهنجي سزا هت ۽ هُت آوي ۾ ٻرڻ جي مقرر ڪئي وئي آهي ۔
مون چيو اي منهنجا محبوب! تون دل نه لاه منهنجي دعائن جي رحمت توکي ڪوسو واءُ لڳڻ نه ڏيندي هن چيو تو آڏو هيڏو جهان پيو آ تون مونکي وساري ڇڏ۔ مون کيس ڳراٺي پائي سيني لاتو ۽ چيم مان توکي تڏهن وساريندس جڏهن سج اڀرڻ کي وساريندو تنهنجو ملڻ ، سهڻو ويهانء تنهنجو فراق نه وسرندڙ ڪنوار جيان منهنجي تي روز آرا ٿي ڪري ۔

سگريٽ ختم ڪندي ئي پاڻ به دونهون ٿي وئي مان ۽ وجود ٽهڪ ڏئي روئڻ لڳاسين

0 comments :

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔