Saturday 18 March 2017

اڄ به منهنجي عاشقي


اڄ به ڪائي کنوڻ ٿي مون ۾ کجي

اڄ به ڄڻ هالار ٿو مون ۾ کڄي

اڄ به منهنجي درد ۾ سو دم آهي

ڄڻ ته تنهنجي چيلهه جو خم آهي

اڄ به مون ۾ ڪا جيئڻ جي جاڳ آ

اڄ به منهنجي عاشقي ڄڻ آڳ آ
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

تون ته سمجهين ٿي


تون ته سمجهين ٿي ته

منهنجي موهه جون مرليون سڀيئي

بي سُريون بيڪار ٿيون

۽ درد جو جو هر نانگ ڪارو

ڀٽ ۾ ڀٽڪي مُئو

۽ سندس ئي احساس جيڪو

ڄڻ ته گيڙو ويس آ

مون وڃائي آ ڇڏيو

تون ته سمجهين ٿي ته

منهنجي سمنڊ سان ياري پراڻي وئي ٽٽي

۽ ساحلن تي بي وفائي پيو بڪان

۽ هاڻ ڪائي يادگيري

ڪا ڪياماڙي نٿي مون کي ڇُهي


تون ته سمجهين ٿي ته

مون ڪيٽي بندر

تنهنجي سنيهي جيئن سجاول کي وساري آ ڇڏيو

۽ سڀئي تاڙيون کجيون

جهمپير جون مون ۾ ويون آهن مري


تون الائي ڇا به سمجهين

پر ائين ناهي مٺي

ها، ائين آهي برابر

خودڪشيءَ جي خيال وانگي

سنڌ کي مون سو دفعا آ سوچيو

هر دفعي مون مات کاڌي تو هٿان

هر دفعي هن عاشقيءَ مون کي بچائي آ وڌو

هن ديس جو هڪ هڪ چپو

منهنجي چپن ۾ آ چمي

منهنجي هٿن ۾ جام جيئن

منهنجي اندر جي آسمانن ۾ اُڏامن جي شڪل

هن ديس جي هر هڪ گھٽي

منهنجي رڳن ۾ ٿي لهي

هن ديس جي هر ڪا دري

منهنجي اندر ۾ ٿي کلي

ڇا ڇا نه مون آهي ڏٺو هن ديس ۾
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Tuesday 17 January 2017

انتظار


انتظار ۾،،،
آئون اڄ به تنهنجي انتظار ۾ آهيان،
جيڪي تنهنجون اڌوريون ڳالهيون رهجي ويون هيون
سي ٻڌڻ لاء بيتاب آهيان،
آئون توکي اڄ به اوترو ئي ٿو چاهيان.
آئون توکان ڏور ڪٿي آهيان ؟
ڏور ته اهي هوندا آهن،
جيڪي دل ۾ نه هجن.
ڪاش !!!
تون مونسان هڪ دفعو ملين ها،
پنهنجون اڌوريون اڻپوريون ،
ڳالهيون مونسان ڪرين ها .
۽
آئون توکي پنهنجي سيني سان لائي،
پنهنجي نيڻن مان ،
ڪجهه اڇا موتي هاري سگهان ها.
آئون اڄ به انتظار ۾ آهيان.
آئون اڄ به انتظار ۾ آهيان
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

رحم

هر وقت ذهن ۾ اها ئي سوچ رهي ته آخر ڇا وجهه هئي جو تو مون کي ائين ڇڏي ڏنو، هر چڪر تلاش ناڪام وئي آهي، ساڳيون ڳالهيون سوچيندي سوچيندي بيزار ٿي پيو آهيان، تنگ ٿي پيو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن دوستن کي ٽهڪ ڏيندي ڏسندو آهيان ته پاڻ تي رحم ايندو آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

جيئي سنڌ


پٽ جيئي سنڌ وارن جي پويان نه وڃ
بابا سائين پر ڇو؟
پٽ اهي لوفر آهن
بابا سائين چون ٿا مظفر ڀٽو انجنئير هو
افضل پنهور سنڌ يونيورسٽي جو بهترين شاگرد هو
سرائي قربان کهاوڙ پنهنجي تر جو نيڪ مرد هو
روپلو چولياڻي هڪ سٺي خاندان سان تعلق رکي ٿو
علي بلند سولنگي هڪ پروفيسر هو
سجاد مرکنڊ به هڪ شاگرد هو
نور الله به سياسي ورڪر هو
سميع الله ڪلارڪ هو
ان کان وڌيڪ ڪيترائي آهن
جيڪي پنهنجا گھر ٻار لٽائي ويٺا آهن شهادتون ماڻي ويٺا آهن ڇا اهي سڀ لوفر آهن ؟
اف پٽ سمجھي ڇو نٿو ؟
بابا سائين سمجھايو
پٽ ايجنسيون کڻي ويندئي قيد ڪندئي شهيد ڪندي
بابا سائين اوهان پوء حقيقتن جي مٿان پردو ڏيئي انهن شهيدن جي مٿان لوفر هوئڻ جي تهمت ڇو پيا هڻو
پٽ توسان محبت اٿم توکي ڪجھ ٿيو ته مان برداشت نه ڪندس
بابا سائين اگر سنڌ کي ڪجھ ٿيو ته ؟
پٽ بس ڪئي مون جيئن وڻين تئين ڪر._
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

Monday 16 January 2017

محبت جي جنگ



هي عاليشان خوبصورت محل جنهن جي تمنا رکندڙ هرماڻهو...
پر،تنهائي جو شدت سان احساس.....!
ها....
جت صرف ۽ صرف،مان، ۽ مان جون دعويٰ ڪندڙ دوست هجن،جت،صرف خود غرضي،نفرت،۽ وڏائي جهڙا انيڪ مسائل،
ات ڀلا،”مارئي“محبت پنهنجو ديرو ڄمائي ڪيئن سگهندي.....?!
ازل کان،هن دنيائي محل ۾ مفاد پرستن،صرف پنهنجو مفاد ڳوليو آ،
ڪروڙين جانيون بنا سمجهڻ ۽،سمجهڻ جي باوجود تباهه ٿي ويون،۽مون جهڙا ماڻهو محبت کي ڦهلائيندي ڦهلائيندي،نفرت جي کنڊرن ۾ گم ٿي ويا.۽نتيجي ۾ تنهائي جو احساس،
شدت سان بلڊ ڪينسر بڻجي رڳ رڳ ۾ سمائجي ويو آهي،روح جي پاتال ۾،مايوسي جو زهر اوتجي ويو آهي.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>

زندگي جي بازي



مون وٽ پيار جي ريت آهي پر جيت ناهي مون زندگيءَ جون سڀ بازيون هارائي پوءِ پيار ڪيو آ هاڻي مون وٽ هار ۽ جيت جوڪوبه تصور ناهي صرف پيار آ پائڻ ۽ وڃائڻ جي سوچ کان آزاد.
مڪمل تحرير ۽ تبصره>>